عمران خان جيترو به زور لائي 14 مئي تي چونڊون نه ٿينديون: گهرو وزير
فيصل آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جيترو مرضي زور لڳائي، 14 مئي تي چونڊون نه ٿينديون، چونڊون مقرر وقت تي هلندڙ سال ئي ٿينديون. فيصل آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڏکئي وقت ۾ پارٽي سان گڏ بيهڻ وارن جي خدمتون نٿيون وساري سگهجن، تڪ جي عوام هر دفعي مون تي اعتماد جو اظهار ڪيو، 2018ع ۾ منهنجي تڪ کي ٽن حصن ۾ ورهايو ويو، اسان ماڻهن جي خدمت ڪئي هئي، مخالفن جو مقصد هو ته اسان کي ڪمزور ڪيو وڃي، اڄ مون وٽ عهدو آهي اوهان جي خدمت سبب آهي. هن چيو ته عمران خان جيترو مرضي زور لڳائي، 14 مئي تي چونڊون نه ٿينديون، چونڊون گڏ ٿينديون ۽ مقرر وقت تي هلندڙ سال ئي ٿينديون. هن عمران خان کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته فتني جي غلط پاليسين سبب مُلڪ بحرانن جو شڪار آهي، ان فتني کي سازش ذريعي مُلڪ مٿان مڙهيو ويو، هن چئن سالن دوران جيڪو ڪيو اوهان جي آڏو آهي، هڪ ڪروڙ نوڪريون جو ڏٽو ڏنائين، ڪٿي آهن نوڪريون؟ ڪو گهر نظر نٿو اچي، 50 لک گهر ٺاهڻ جون ڳالهيون ڪيون ويون. گهرو وزير چيو ته جيئن ئي چونڊ مهم شروع ٿيندي نواز شريف ڏيهه واپس ورندو.