سپريم ڪورٽ پارليامينٽ ۾ مداخلت ڪندي ته ان جون حدون به اورنگهيون وينديون: راجا پرويز اشرف
اسلام آباد( ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته سپريم ڪورٽ پارليامينٽ ۾ مداخلت ڪندي ته انهن جون حدون به اورنگهيون وينديون،پارليامينٽ تي حملو ڪيو ويو ته پوءِ نشانو بڻجندڙ هٿ پير به نه هڻندا، جواب الجواب ملندو. آمريڪي خابرو اداري کي ڏنل انٽرويو ۾ هن چيو ته پارليامينٽ جو قانون سازي جو حق تسليم ناهي ڪرڻو ته اليڪشن جو مذاق به ختم ڪريو، پارليامينٽ سپريم ڪورٽ جي آئين کان مٿانهين فيصلي کي مڃڻ کان انڪار ڪري سگهي ٿي، ڇا پارليامينٽ عدليه جي چوڻ تي هلندي، پوءِ توهان ئي قانون سازي ڪريو. هن چيو ته حڪومت به هٺ ڌرمي ختم ڪري، سياستدان گڏجي ويهي چونڊن تي ڳالهيون ڪن، چونڊون ٻه مهينا اڳ يا بعد جو مسئلو نه آهي، مسئلو اهو آهي ته چونڊون شفاف ۽ پرامن ٿين.