My WordPress Blog

نيشنل بينڪ قرض ڏيڻ جو نئون پروگرام شروع ڪري ڇڏيو

0

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نيشنل بئنڪ آف پاڪستان (اين بي پي) زراعت جي صنعت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ گهٽ مارڪ اپ شرحن تي هڪ نئون زرعي قرض پروگرام شروع ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ذريعي هاري پنهنجي فصل پوکڻ لاءِ تيز رفتاري سان زرعي قرض حاصل ڪري پيداوار وڌائي سگهن ٿا. NBP عورتن لاء مارڪ اپ جي شرح تي خاص رعايت پيش ڪري رهي آهي ته جيئن عورتن جي زراعت جي صنعت ۾ شموليت جي حوصلا افزائي ڪئي وڃي. قرض مختلف زرعي ضرورتن لاءِ استعمال ڪري سگھجن ٿا جهڙوڪ گودام، شمسي توانائي سان هلندڙ ٽيوب ويل، مڇي فارم، نوان ٽريڪٽر، زرعي ٻج، مٽي ۽ جيت مار دوائون وغيره.

Leave A Reply

Your email address will not be published.