قومي اسيمبلي ۾ نيب آرڊيننس 1999 ۾ وڌيڪ ترميم جو بل منظور
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي اڄ طلب ڪيل هنگامي اجلاس ۾ نيب آرديننس 1999 ۾ وڌيڪ ترميم جو بل 2023 منظور ڪيو ويو. اجلاس شروع ٿيو ته معمول جي ڪارروائي معطل ڪندي رٿ پيش ڪئي وئي، جنهن کي قومي اسيمبلي منظور ڪري ورتو. ان کانپوءِ قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ قومي اسيمبلي ۾ نيب آرڊيننس 1999 ۾ ترميم جو بل 2023 پيش ڪيو، جيڪو گڏيل طور منظور ڪيو ويو.