سپريم ڪورٽ کي ٽوڙڻ وارا قدم کنيا پيا وڃن: فواد چوڌري
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي اداري کي ٽوڙڻ وارا قدم کنيا پيا وڃن، اهڙا قدم ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهن پنهنجي ٽويٽ ۾ فواد چوڌري چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي فوري طور عمل ٿيڻ گهرجي فواد چوڌري چيو ته پارليامينٽ آرٽيڪل 81 تحت چونڊن جا خرچ روڪي نه ٿي سگهي، وڪيل ۽ عوام سپريم ڪورٽ سان گڏ بيٺل آهن هن وڌيڪ چيو ته پي ڊي ايم حڪومت سپريم ڪورٽ کي ختم ڪرڻ وارا قدم کڻي رهي آهي، پي ٽي آءِ عدليه سان گڏ بيٺل آهي، آئين ۽ قانون کي نقصان پهچڻ نه ڏنو ويندو