My WordPress Blog

سپريم ڪورٽ پاران اسٽيٽ بينڪ جي گورنر کي اليڪشن ڪميشن کي 21 ارب رپيا جاري ڪرڻ جو حڪم

0

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ اليڪيشن ڪميشن استيٽ بينڪ جي گورنر کي پنجاب ۾ اليڪشن لاءِ اليڪشن ڪميشن کي 21 ارب رپيا جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي تفصيل موجب سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ پاران پنجاب ۾ اليڪشن لاءِ فنڊز جاري ڪرڻ بابت ان چيمبر ٻڌڻي ٿي اٽارني جنرل اليڪشن ڪميشن جو سيڪريٽري، اسٽيٽ بينڪ جو گورنر ، ناڻي وارو اسپيشل سيڪريٽري ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري پڻ عدالت آڏو پيش ٿيا اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري عدالت کي ٻڌايو ته وفاقي حڪومت پاران پنجاب م چونڊن لاءِ کيس ڪابه رقم نه ڏني وئي آهي جنهن تي عدات پاران ناڻي واري اسپيشل سيڪريٽري کان کان پڇاڻو ڪيو ويو جنهن اليڪشن لاءِ پيسا جاري ڪرڻ کي مشڪل قرار ڏئي ڇڏيو عدالت پنجاب ۾ اليڪشن لاءِ فنڊز جاري نه ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ذريعن موجب اٽارني جنرل عدالت کي آگاهي ڏيندي ٻڌايو ته پارليامينٽ حڪومت کي پنجاب ۾ اليڪشن لاءِ فنڊز جاري ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي انڪري وفاقي حڪومت پارليامينٽ جي فيصلي جي پابند آهي ۽ پنجاب ۾ اليڪسن لاءِ فنڊز جاري نٿي ڪري سگهي عدالت ان چيمبر ٻڌڻي مڪمل ڪندي استيٽ بينڪ جي گورنر کي اليڪشن ڪميشن کي 21 ارب رپيا سڌي ريت جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

Leave A Reply

Your email address will not be published.