بي آءِ ايس پي جي بجيٽ وڌائي 400 ارب رپيا ڪئي وئي
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير شازيه مري چيو آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي بجيٽ 235 ارب مان وڌائي 400 ارب رپيا ڪئي وئي آهي. غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ بابت خصوصي معاون فيصل ڪريم ڪنڊي سان گڏ نيوز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته 90 لک خاندان پروگرام جو حصو آهن، بي آءِ ايس پي تحت وظيفو 7 هزار رپين مان وڌائي 8 هزار 750 رپيا ڪيو ويو آهي. شازيه مري چيو ته ملڪ جي 28 لک ٻوڏ متاثر خاندانن ۾ 70 ارب رپيا ورهايا ويا، پي ٽي آءِ حڪومت جي ناقص پاليسين سبب غريب ۽ وچولي طبقي جا ماڻهو مهانگائي جو شڪار آهن. هن چيو ته بينظير ايجوڪيشن وظيفو حاصل ڪندڙ خاندانن جو انگ 2.6 ملين مان وڌي 7.1 ملين تائين پهچي ويو آهي، بينظير نشو نما پڻ سڄي پاڪستان ۾ وسيع ٿي چڪو آهي ۽ ان حوالي سان سڄي پاڪستان ۾ 474 سهولتن جا مرڪز قائم ڪيا ويا آهن. شازيه مري چيو ته ٽرانس جينڈر برادري سماجي ۽ معاشي چئلينجن کي منهن ڏئي رهي آهي، بي آءِ ايس پي پروگرام ۾ ٽرانس جينڈرز کي به شامل ڪيو ويو آهي، اهي بي آءِ ايس پي جي آفيسن ۾ پاڻ کي رجسٽرڊ ڪن.