آئين چئي ٿو ته اختيار چونڊيل نمائندن ذريعي استعمال ٿيندو: آرمي چيف
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته طاقت جو محور عوام آهي، آئين چئي ٿو ته اختيار عوام جي چونڊيل نمائندن ذريعي استعمال ٿيندو. اسيمبلي هال ۾ قومي سلامتي ڪميٽي جو ان ڪئيمرا اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وزيراعظم سميت آرمي چيف ۽ ٻين عسڪري اختيارين شرڪت ڪئي. ذريعن موجب اجلاس ۾ آرمي چيف 1973ع جي آئين کي 50 سال مڪمل ٿيڻ تي ميمبرن کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته سينٽر آف گريويٽي پاڪستان جو عوام آهي. ذريعن موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو ته طاقت جو محور عوام آهي، آئين چئي ٿو ته اختيار عوام جي چونڊيل نمائندن ذريعي استعمال ٿيندو، آئين ۽ پارليامينٽ عوام جي راءِ جا مظهر آهن، عوام پنهنجي راءِ آئين ۽ پارليامينٽ ذريعي استعمال ڪندو آهي. قومي سلامتي ڪميٽي جي ان ڪئميرا سيشن سان گفتگو ڪندي پاڪ فوج جي سربراهه چيو ته هي نئون آپريشن نه پر هول آف نيشن اپروچ آهي، الله جي ڪرم سان هن وقت پاڪستان ۾ ڪا نوگو ايريا ناهي. هن چيو ته اسان کي نئين ۽ پراڻي پاڪستان جو بحث ڇڏي اسان جي پاڪستان جي ڳالهه ڪرڻ گهرجي، پاڪستان وٽ وسيلن ۽ افرادي قوت جي کوٽ ناهي، عوام جا چونڊيل نمائندا منزل مقرر ڪن، پاڪ فوج ملڪي ترقي ۽ ڪاميابي جي سفر ۾ ڀرپور ساٿ ڏيندي.