قومي اسيمبلي پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه ۾ چونڊن لاءِ 21 ارب رپين جي فراهمي جو بل رد ڪري ڇڏيو
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه ۾ چونڊن لاءِ 21 ارب رپين جي فراهمي جو بل رد ڪري ڇڏيو. سپريم ڪورٽ پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه جي چونڊن لاءِ وفاقي حڪومت کي اليڪشن ڪميشن کي 10 اپريل تائين 21 ارب رپيا فراهم ڪرڻ ۽ اليڪشن ڪميشن کي 11 اپريل تائين ان حوالي سان رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو پر سپريم ڪورٽ جي ڏنل تاريخ تائين اليڪشن ڪميشن کي فنڊن جي فراهمي نه ٿي سگهي. ان معاملي تي چيف جسٽس گذريل ڏينهن نوٽيس جاري ڪندي گهرو سيڪريٽري، اليڪشن ڪميشن سيڪريٽري ۽ اسٽيٽ بئنڪ گورنر کي پنهنجي چيمبر ۾ طلب ڪيو هو. اڄ سپريم ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ صدر ۽ وزيراعظم سميت سڀني لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. پر اطلاع آهن ته قومي اسيمبلي پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه ۾ چونڊ خرچن جي مد ۾ اليڪشن ڪميشن کي 21 ارب رپيا فراهم ڪرڻ جو بل رد ڪري ڇڏيو آهي. ان کان اڳ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي به فنڊ ڏيڻ جو بل رد ڪري ڇڏيو هو.