My WordPress Blog

سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل خلاف درخواستن تي لارجر بئنچ قائم

0

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل 2023 خلاف درخواستون ٻڌڻي لاءِ مقرر ٿي ويون. سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل خلاف درخواستن جي ٻڌڻي لاءِ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 8 رڪني بئنچ جوڙي وئي آهي، درخواستن تي ٻڌڻي 13 اپريل خميس ڏينهن ٿيندي. جسٽس اعجاز الاحسن، جسٽس منيب اختر، جسٽس مظاهر نقوي، جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس عائشه ملڪ، جسٽس حسن اظهر رضوي ۽ جسٽس شاهد وحيد به بئنچ ۾ شامل آهن. واضح رهي ته سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل خلاف 4 درخواستون داخل ڪيون ويون هيون.

Leave A Reply

Your email address will not be published.