هاءِ ڪورٽ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو
مظفر آباد (ويب ڊيسڪ) آزاد ڪشمير هاءِ ڪورٽ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم تنوير الياس کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو. آزاد ڪشمير هاءِ ڪورٽ سردار تنوير الياس کي توهين عدالت ۾ سزا ٻڌائي ۽ کيس ڪنهن به پبلڪ عهدي لاءِ نااهل قرار ڏنو آهي. عدالت نئين وزيراعظم جي چونڊ لاءِ چيف اليڪشن ڪمشنر کي خط به لکي ڇڏيو آهي، آزاد ڪشمير جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن وزيراعظم کي توهين عدالت تي نااهل ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته تنوير الياس کي پنهنجي تقرير ۾ ڌمڪي وارو لهجو اختيار ڪرڻ تي آزاد ڪشمير سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ اڄ طلب ڪيو هو. هو اڄ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيو، جتي سندس خلاف چيف جسٽس صداقت حسين راجا جي سربراهي ۾ فل بئنچ ٻڌڻي ڪئي. تنوير الياس توهين عدالت جو اعتراف ڪندي غير مشروط معافي گهري پر عدالت سندس معافي کي رد ڪري ڇڏيو. هوڏانهن تنوير الياس سپريم ڪورٽ به پيش ٿيو، جتي عدالت چيو ته هي عهدو رڳو الله طرفان عنايت آهي، توهان جيڪو ڪجهه چيو، اهو سڌي ريت توهين جي زمري ۾ اچي ٿو، ڪيس ۾ ڪنهن پراسيس جي ضرورت ناهي، اسان توهان کي نوٽيس ڏيون ٿا، ٻن هفتن اندر لکت جواب ڏيو.