نواز شريف جي تقرير تي پابندي جي درخواست رد
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي تقرير تي پابندي بابت درخواست نه ٻڌڻي جوڳي قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ن ليگ قائد نواز شريف جي تقرير تي پابندي بابت داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي. درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته نواز شريف جي تقرير ميڊيا تي نشر ڪئي پئي وڃي، هو پنهنجي تقرير ۾ عدليا ۽ معزز ججن تي الزام هڻي رهيو آهي، سڀني ٽي وي چئنلن کي تقرير نشر ڪرڻ کان روڪيو وڃي. عدالت ريمارڪس ڏنا ته نواز شريف ضمانت حاصل ڪئي آهي، شهباز شريف به ضمانت تي آهي ته ڇا شهباز شريف جي تقرير تي به پابندي هڻي ڇڏيون؟سنڌ هاءِ ڪورٽ درخواست نه ٻڌڻي جوڳي قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏي ۽ هدايتون ڪيون ته جن عدالتن مان نواز شريف کي ضمانت ملي آهي، توهان انهن سان رابطو ڪيو.