ملڪ ۾ سون مهانگو ٿيڻ جو سلسلو جاري
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ اڄ به واڌ رڪارڊ ڪئي وئي. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب في تولو سون 600 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ ٻه لک 18 هزار 300 رپين جو ٿي ويو آهي. 10 گرام سون 514 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 87 هزار 157 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر هڪ ڊالر گهٽجڻ سان 2001 ڊالر في اونس آهي.