My WordPress Blog

مصري صدر جو روس کي ڳجهي نموني 40 هزار راڪيٽ ڏيڻ جو منصوبو

0

آمريڪي (ويب ڊيسڪ)آمريڪي اخبار دعويٰ ڪئي ته مصر روس کي 40 راڪيٽ ڳجهه ڳوهه ۾ ڏيڻ جو منصوبو بڻايو آهي.پرڏيهي خابرو اداري موجب آمريڪي اخبار واشنگٽن پوسٽ پنهنجي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته مصر روس يوڪرين جنگ دوران روس جي اسلحو سپلاءِ ۾ مدد لاءِ ان کي ڳجهي طور تي 40 هزار راڪيٽ ڏيڻ جو منصوبو بڻايو آهي جنهن جا تفصيل آمريڪي انٽيليجنس جي ليڪ دستاويزن مان حاصل ڪيا ويا آهن. رپورٽ موجب ان سلسلي ۾ مصر جي صدر عبدالفتح السيسي اعليٰ فوجي اختيارين سان هڪ اهم ميٽنگ به ڪئي آهي جنهن ۾ روس کي فوجي بنيادن تي اسلحي جي فراهمي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي جڏهن ته ان دوران مصري صدر اختيارين کي اها منصوبابندي ڳجهي رکڻ جي هدايت ڪئي. رپورٽ موجب آمريڪي انٽيليجنس جي ليڪ دستاويزن تي 17 فيبروري جي تاريخ لکيل آهي.ميڊيا رپورٽن موجب مصر طرفان روس کي راڪيٽن جي فراهمي جي خبرن تي آمريڪي اختيارين حيراني جو اظهار ڪيو آهي.آمريڪي اختيارين جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته جيڪڏهن مصري صدر طرفان روس کي ڳجهي طور تي راڪيٽ فراهمي جون خبرون درست آهن ته پوءِ اسان کي ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي سنجيدگي سان ڏسڻ جي ضرورت آهي. ٻي پاسي آمريڪي قومي سلامتي جي ترجمان جان ڪربي ڳجهن دستاويزن تي ڪنهن به تبصري کان پاسو ڪيو آهي. 

Leave A Reply

Your email address will not be published.