My WordPress Blog

عيدالفطر جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي ڪميٽي جو اجلاس طلب

0

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ عيدالفطر جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس طلب ڪيو ويو آهي. جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس 20 اپريل خميس ڏينهن (29 رمضان المبارڪ) تي مذهبي معاملن واري وزارت اسلام آباد ۾ ٿيندو. پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته اجلاس چيئرمين مولانا عبدالخبير جي صدارت هيٺ ٿيندو، جڏهن ته زونل ڪميٽين جا اجلاس سڄي ملڪ ۾ مقرر هنڌن تي ٿيندا.

Leave A Reply

Your email address will not be published.