My WordPress Blog

عيدالفطر، پاڪستان ريلوي وڏو اعلان ڪري ڇڏيو

0

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ريلوي عيدالفطر تي 5 اسپيشل ريل گاڏيون هلائڻ جو اعلان ڪيو آهي. ريلوي واري وزير خواجا سعد رفيق جي هدايت تي مسافرن جي سهولت ۽ عيد تي سفر ڪندڙن جي رش کي نظر ۾ رکندي خاص ريل گاڏيون هلايون پيون وڃن. پاڪستان ريلويز طرفان جاري ڪيل شيڊول موجب پهرين عيد اسپيشل ٽرين ڪراچي کان 18 اپريل تي 2 لڳي 45 منٽن تي پشاور روانو ٿيندي، ڪوئيٽا کان راولپنڊي لاءِ عيد اسپيشل صبح جو 10 وڳي هلندي.اهڙيءَ طرح ڪراچي کان لاهور لاءِ ٽين ريل گاڏي 19 اپريل تي رات جو پوڻي 7 وڳي روانو ٿيندي، راولپنڊي کان ڪوئيٽا لاءِ 26 اپريل تي صبح جو 9 وڳي عيد اسپيشل هلندي. ريلويز موجب آخري عيد اسپيشل 27 اپريل تي لاهور کان صبح جو 11 وڳي ڪراچي ويندي.ان کانسواءِ مسافرن جي پيهه سبب پهريان کان هلندڙ ريل گاڏين سان گڏ واڌو ڪوچز به لڳايون وينديون، اختيارين ورڪشاپس ڊويزن کي اسپيشل ريل گاڏين لاءِ واڌ بوگيون فراهم ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪري ڇڏي آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.