My WordPress Blog

درفشان سليم کي پيار ۾ ڌڪ، سندس دل ڪنهن ٽوڙي؟

0

شوبز(ويب ڊيسڪ)من موهڻي اداڪارا درفشان سليم انڪشاف ڪيو آهي ته گلوڪار عاطف اسلم سندس پهريون ڪرش هو. درفشان سليم تازو هڪ شو ۾ مهمان بڻي، جتي هن ڪيترن ئي اهم رازن تان پردو کنيو. هن انڪشاف ڪيو ته عاطف اسلم سان مون کي ڏاڍو پيار هو ۽ سڄو ڏينهن ان جون ڳالهيون ٻڌندي رهندي هيس، ان بابت سوچيندي هيس. اداڪارا چيو ته جڏهن منهنجي عاطف اسلم سان پهرين ملاقات ٿي ته ان جي سارا ڀروانا سان شادي کي رڳو ٻه ڏينهن ٿيا هئا، توڙي جو ان وقت منهنجي عمر ننڍي هئي ۽ ليولز ۾ پڙهندي هيس پر ان شادي سبب منهنجي دل ٽٽي پئي هئي. واضح رهي ته ”ڪيسي تيري خود غرضي“ ۾ درفشان سليم جي اداڪاري کي مداحن طرفان ڏاڍو پسند ڪيو ويو ۽ سندس ڪردار ”مهڪ“ جي تعريف ڪئي وئي هئي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.