My WordPress Blog

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پارليامينٽ اجلاس ۾ شرڪت تي وضاحت جاري ڪري ڇڏي

0

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پارليامينٽ جي اجلاس ۾ شرڪت جي حوالي سان وضاحت جاري ڪري ڇڏي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي سڀني ججن کي آئين جي گولڊن جوبلي ملهائڻ جي دعوت ڏني وئي هئي، دعوت قبول ڪرڻ کان اڳ ڄاڻ حاصل ڪئي وئي ته ڇا سياسي تقريريون ڪيون وينديون، خاطري ڪرائي وئي ته رڳو آئين بابت ڳالهايو ويندو، اڳ ۾ منهنجي عملي ۽ پوءِ مان پاڻ سڌي ريت اسپيڪر کي ان نڪتي جي وضاحت ڪرائي، مان وضاحت کانپوءِ ئي دعوت قبول ڪئي، مان آئين سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو.سندس موجب مون کان پڇيو ويو تقرير ڪندئو ته مان معذرت ڪئي پر جڏهن ڪجهه تقريرن ۾ سياسي بيان ڏنا ويا ته پوءِ مان ڳالهائڻ جي درخواست ڪئي. هن چيو ته اهو ڪنهن مخصوص سياسي جماعت يا اداري جو اڪيلو حق نه هو، آئين جي اهميت سڀني تي واضح ڪرڻ گهرجي ۽ ائين مسلسل ڪرڻ گهرجي، عدليا جي هڪ فرد کي عزت ڏيڻ لاءِ مون کي وچ ۾ ويهاريو ويو، مان ويهڻ لاءِ جاءِ جي چونڊ پاڻ نه ڪئي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.