ڪوئيٽا ۾ پوليس جي گاڏي ڀرسان ڌماڪو، اهلڪارن سميت 4 ڄڻا مارجي ويا
ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) ڪوئيٽا ۾ پوليس جي گاڏي ڀرسان ڌماڪي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ 15 زخمي ٿي پيا. پوليس موجب شاهراهه اقبال تي پوليس جي گاڏي ڀرسان ٿيندڙ ڌماڪي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ 15 زخمي ٿيا، ڌماڪي جي نتيجي ۾ ٻين گاڏين ۽ موٽر سائيڪلن کي به نقصان پهتو. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته مارجي ويلن ۾ ٻن پوليس اهلڪار به شامل آهي، جڏهن ته چارئي لاش سول اسپتال منتقل ڪيا ويا. ڌماڪي کانپوءِ سيڪيورٽي فورسز علائقي جو گهيرو ڪري شاهديون گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون. شروعاتي جاچ موجب ڌماڪي ۾ 3 کان 4 ڪلو گرام ڌماڪيدار مواد استعمال ڪيو ويو، ڌماڪيدار مواد موٽر سائيڪل ۾ رکيل هو.