My WordPress Blog

ڊڄڻو اهو آهي جيڪو عورتن ۽ ٻارن کي اڳيان آڻي پاڻ لڪي وڃي: مريم اورنگزيب

0

اسلام آباد(م ڊ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب عمران خان جي بيان تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته پرڏيهي لابي ڪمپنين جا غلام حقيقي آزادي لاءِ  وڙهي رهيا آهن، بزدل اهو آهي جيڪو عورتن ۽ ٻارن کي ڍال بڻائي پاڻ کي بستري هيٺ لڪائي ٿو. هڪ بيان ۾ سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب عمران خان کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته هو بزدل آهي جيڪو اقتدار خاطر پنهنجي ڌيءَ کي قبول نه ٿو ڪري. مريم اورنگزيب چيو ته آزاديءَ جي جنگ وڙهندڙ پهريون بزدل اهو آهي جيڪو منهن تي بليڪ باڪس هڻي ٻاهر نڪري، بزدل اهو آهي جيڪو عورتن ۽ ٻارن کي ڍال بڻائي بستري هيٺان لڪي ٿو. مريم اورنگزيب وڌيڪ چيو ته عمران خان پنهنجي سيٽ خاطر ملڪ خلاف سازش ڪئي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.