My WordPress Blog

پنهنجي اداري طرفان چوان ٿو ته اسان آئين سان گڏ بيٺا آهيون: جسٽس قاضي فائز عيسيٰ

0

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته مان ۽ منهنجو ادارو سپريم ڪورٽ آئين سان گڏ بيٺو آهي، پاڪستان جي آئين ۾ سڀ کان اهم بنيادي حق آهن. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پارليامينٽ هائوس ۾ دستور ڪنوينشن ۾ شرڪت ڪئي ۽ خطاب به ڪيو. هن چيو اسان اهو سوچي آياسين ته هتي سياسي نه آئيني ڳالهيون ٿينديون، منهنجي موجودگي دوران هتي ٿيندڙ سياسي ڳالهين سان متفق ناهيان، پنهنجي ۽ سپريم ڪورٽ طرفان چوڻ چاهيان ٿو ته اسان آئين سان گڏ آهيون. سندس چوڻ هو ته اسان کي آئين کي پنهنجي دل سان لڳائڻ گهرجي، توهان وانگر مان به آئين تي عمل ۽ ان جي تحفظ جو حلف کنيو آهي، سڀاڻي ائين نه چئجو ته اسان توهان کي گهرايو پوءِ به اسان جي خلاف فيصلو ڏنو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ وڌيڪ چيو ته اسان دشمن کان به ايتري نفرت ناهيون ڪندا، جيتري هڪٻئي کان ڪندا آهيون.

Leave A Reply

Your email address will not be published.