ن ليگ جي اڪائونٽ تان ڌيءَ جي تصوير پوسٽ ٿيڻ تي ارمينا جو مڙس ڪاوڙجي پيو
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا ارمينا رانا خان جي مڙس فيصل رضا خان ٽوئيٽر تي (ن) ليگ جي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي سندس زال ۽ ڌيءَ جي تصوير پوسٽ ڪرڻ تي پارٽي کان معافي جو مطالبو ڪيو آهي.ارمينا جي مڙس کانسواءِ اداڪار عثمان خالد بٽ ۽ ڪيترن ئي سوشل ميڊيا واهپيدارن به (ن) ليگ جي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تان اداڪارا جي تصوير ڊليٽ ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.اداڪارا جي مڙس فيصل رضا پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته ن ليگ جي قيادت، پاڻ ان اڪائونٽ جي ذميوار نه آهي، اوهان منهنجي زال کي ٽرول ڪرڻ لاءِ منهنجي نئين ڄاول ڌيءَ جي تصوير پوسٽ ڪري ڇڏي، اوهان شرافت جون سڀ حدون اورانگهي ڇڏيون آهن.اداڪارا جي مڙس لکيو ته منهنجي ڌيءَ ۽ مون کي پاڪستاني سياست ۾ ڪا به دلچسپي ناهي پر هڪ پيءُ جي حيثيت سان آئون پنهنجي ڌيءَ جي حفاظت ڪندس، پنهنجي ان عمل تي فوري طور معافي گھرو. ڪجهه ٻين ماڻهن به ڄاڻايل تصوير ڊليٽ ڪرڻ جو چيو.اِهو معاملو آهي ڇا؟اهو تڪرار ان وقت شروع ٿيو جڏهن پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي هڪ حامي ڪارڪن شايان علي مسلم ليگ (ن) جي سينيئر نائب صدر مريم نواز جي هڪ وڊيو پوسٽ ڪئي جيڪا سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.وڊيو ۾ عورت سيلفي جو چوندي مريم نواز سان اڻ وڻندڙ ڳالهه ٻولهه ڪئي.ان وڊيو تي ارمينا خان رد عمل ڏنو ۽ چيو ته جيڪڏهن اهو پاڪستان ۾ ٿئي ها ته سيلفي ڪڍندڙ عورت گم ٿي وڃي ها، مون کي خوشي آهي ته اسان جي برطانيا ۾ اهڙي آزادي آهي جتي اسان پنهنجن سياستدانن جو حساب ڪتاب ڪندا آهيون، برطانيا ۾ اسان وٽ ڳالهائڻ جي آزادي آهي.ارمينا جي ان ٽوئيٽ تي ڪيترن ئي واهپيدارن تنقيد ڪئي ۽ چيو ته اها اظهار راءِ جي آزادي نه پر ڪنهن جي تذليل ڪرڻ ۽ خراب حرڪت آهي.