شهيد اجمل جي قاتلن کي ڀوتارن جي حمايت حاصل، سرداري نظام خلاف سنڌ سراپا احتجاج
ڪراچي/حيدرآباد/سکر (نمائندن وٽان) شهيد پروفيسر اجمل ساوند جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪشمور ضلعي پوليس ٽئين ڏينهن به ڪنڌڪوٽ جي مختلف ڳوٺن تي چڙهايون ڪري ڏوهارين جا گهر ڊاهي ڇڏياپوليس دعويٰ ڪئي آهي ته اجمل ساوند جي قتل ڪيس ۾ نامزد مک جوابدارن سميت 20 ڄڻن جا گهر ڊاهي پٽ ڪيا ويا آهن. ايس ايس پي عرفان سمون جو چوڻ آهي ته جيستائين اجمل ساوند جي قاتلن جي گرفتاري نه ٿيندي، تيستائين چڙهايون جاري رهنديون. هن چيو ته پوليس ڪارروائي کان اڳ ئي جوابدار درياءُ پار فرار ٿي ويا آهن پوليس ڪنهن به صورت ۾ قاتلن کي گرفتار ڪندي.ٻه ڏينهن اڳ ڪنڌڪوٽ اي سيڪشن ٿاڻي تي ڪيس داخل ٿيڻ باوجود پوليس ڪنهن هڪ جوابدار کي به گرفتار نه ڪري سگهي آهي.اجمل ساوند جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ سبب سنڌ جي شعور وند ۽ سڄاڻ ماڻهن ۾ تاءُ پکڙيل آهي.ٻئي پاسي شهيد پروفيسر اجمل ساوند جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ عبدالله ڀٽو، محمد علي مڙل، غلام ياسين ڀٽو، مظهر چاچڙ ۽ دانش شاهه جي اڳواڻي ۾سياسي ۽ سماجي ڪارڪنن احتجاجي ريلي ڪڍي.ٺل ۾ پروفيسر اجمل ساوند جي قتل خلاف پروفيسر برڪت مهر، جاويد ساغر بروهي، جمال جوش ٻرڙو، سرواڻ سنڌي، روشن ڪنڊراڻي، منصور بنگلاڻي، سهيل دايو ۽ ظفر سنڌي جي اڳواڻي ۾پروفيسرز, سول سوسائٽي ۽ شهرين احتجاجي ريلي ڪڍي.ان موقعي تي پروفيسر اجمل ساوند جي تصوير اڳيان ميڻ بتي ٻاري گل نڇاور ڪري ڀيٽا پيش ڪئي وئي.لاڙڪاڻي ۾عبدالحفيظ ابڙو، امداد ڊومڪي، ڊاڪٽر ڪمليش ڪمار، ڊاڪٽر غلام عباس، ڊاڪٽر عنايت ۽ ڊاڪٽر راجيش ڪمار جي اڳواڻي ۾بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي ٽيچرس ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي ايڊمن بلاڪ کان يونيورسٽي جي مُک گيٽ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي.ڪولاب جيئل، سڪرنڊ،ٽنڊو محمد خان، عمرڪوٽ، ميرپورخاص، ڊگهڙي، بدين، سجاول ۽ ٺٽي سميت مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.احتجاجي مظاهرن کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو شھيد اجمل ساوند جو قتل شعور جو قتل آهي، پروفيسر اجمل ساوند اعلي تعليم حاصل ڪري پنهنجي ملڪ ۽ سنڌ جي نوجوانن کي شعور پيدا ڪرڻ لاءِ ۽ پنھنجن ماروئڙن کي علم جي روشني سان نوازڻ آيو ھو پر انسانيت ۽ علم جي دشمنن کيس قبائلي تڪرار جي ور چاڙھي گولين جو نشانو بڻائي قتل ڪري ڇڏيو. جنهن جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي. هنن چيو ته سنڌ حڪومت کي گهرجي ته هو پروفيسر اجمل ساوند جي قاتلن ۽ قبيلائي سرداري نظام جو دفاع ڪندڙ ماڻھن خلاف ڪارروائي عمل ۾ آڻي ۽ سنڌ اسيمبليءَ ۾ سرداري نظام خلاف قانون سازي ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو .