”سپريم ڪورٽ ۾ ون مين شو هلندو ته پارليامينٽ بحران کي نه سنڀالي سگهندي“
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان سمجهيو بي اعتمادي ٿي وئي، هاڻ ڪامياب ٿي وياسين، سازش ختم ٿي وئي پر اسان غلط هئاسين، سازش اڄ به هلي رهي آهي. قومي اسيمبلي جي خاص اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيد بينظير ڀٽو جي پٽ طور اڄ مون لاءِ اهم ڏينهن آهي، اڄ آئين جو بنياد رکيو ويو، اسان آمريت جو مقابلو ڪيو، هڪ ٻه نه ٽن آمرن کي گهر ڀڄايوسين. هن چيو ته آئين اها زنجير آهي، جنهن سان پاڪستان جڙيل آهي، 10 اپريل پاڪستان جي آئين جي سفر جو ڏينهن آهي، اڄ 50 سالن جي جدوجهد جو يوم تاسيس آهي، آمر جنرل ضياءَ کانپوءِ هڪ ٻيو آمر آيو جنرل پرويز مشرف، هن جيڪو ٻج پوکيو، ان جي نتيجي ۾ اڄ به انتهاپسندي کي منهن ڏئي رهيا آهيون، اسان نفرت ۽ ورهاست جي سياست جو مقابلو ڪري رهيا آهيون. سندس چوڻ هو ته هر آمر جعلي سياستدان بيهاري ڇڏيندو آهي، اسپيڪر صاحب توهان جي ڪوشش ۽ بي اعتمادي سان سليڪٽڊ وزراعظم جي سازش ناڪام ڪرائي وئي، هڪ ٻي جاءِ آهي، جيڪو ادارو ناهي ادارو چيو ويندو آهي ۽ بچاءَ واري وزير خواجا آصف جي ماتحت آهي، اتي به سازش هئي، جتي ميرٽ جو قتل ٿيڻو هو، ميرٽ جو قتل ڪندي ڪنهن کي 10 سال مڙهڻو هو، هِتي سليڪٽڊ وزيراعظم هوڏي سليڪٽڊ چيف جسٽس هجي ها، سليڪٽڊ آرمي چيف هجي ها، پاڪستان ۾ سليڪٽڊ مارشل لا هجي ها. بلاول ڀٽو زرداري موجب اسان سمجهيو بي اعتمادي ٿي وئي، ڪامياب ٿي وياسين، سازش ختم پر اسان غلط هئاسين، سازش اڄ به هلي رهي آهي، اسان سڀني کي گڏجي سازش ناڪام بڻائڻي آهي، جيڪڏهن سپريم ڪورٽ ۾ ون مين شو هلندو ته پارليامينٽ بحران کي نه سنڀالي سگهندي، جيڪي سازش ۾ شريڪ هئا، اهي اڄ به اعليٰ عدليا ۾ موجود آهن. پ پ چيئرمين چيو ته اهي چئن ججن کي فيصلي کي اقليت ۾ ثابت ڪرڻ چاهين ٿا، عدليا ۽ پارليامينٽ سان کيڏي ويندڙ راند عوام برداشت نٿو ڪري سگهي، عمران خان جي ڇڏيل معاشي بحران مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، سيڪيورٽي بحران عمران خان ۽ ان جي سهولتڪارن ڇڏيو، ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته ان سيڪيورٽي بحران جو حل ڪڍون، اسان آئين جو بچاءُ ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.