خوبصورتي جا ايوارڊ کٽيندڙ ايشوريا جون ناڪام محبتون…!
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا ايشوريا راءِ بچن 49 ورهين جي ٿي وئي آهي ۽ اڄ هو ڪروڙين دلين تي راڄ ڪري ٿي. ايشوريا کي پنهنجي خوبصورتي جي ڪري سڄي دنيا سڃاڻي ٿي. هي اداڪارا تامل فلم انڊسٽري مان بالي ووڊ ۾ آئي هئي ۽ سڀني کي پنهنجي فن جو ديوانو بڻائي ڇڏيائين. مس ورلڊ جو ٽائٽل کٽيندڙ ايشوريا جي زندگي به لاهن چاڙهن کان گهٽ ناهي، ڪڏهن کيس فلمن مان ڪڍيو ويو ته ڪڏهن وري کيس محبت ۾ ناڪامي نصيب ٿي. بچن گهراڻي جي ننهن ايشوريا کي اصل مقبوليت بلاڪ بسٽر فلم هم دل دي چڪي صنم ڏياري. هم دل دي چڪي صنم جي شوٽنگ دوران ئي سلمان خان ۽ ايشوريا هڪ ٻئي جي ويجهو اچي ويا هئا. ايشوريا جي معاملي ۾ سلمان خان هر هنڌ جهيڙا ڪندو وتندو هو، ڪيترائي ڀيرا سلمان ايشوريا جي فلمن جي سيٽ تي هل مچايو ۽ پوءِ پنهنجي ساک خراب ٿيڻ جي ڊپ کان ايشوريا سلمان خان کي پاڻ کان پري ڪري ڇڏيو. سلمان خان کان پري ٿيڻ جي ڪوشش جو وويڪ اوبراءِ فائدو ورتو ۽ ايشوريا جو همدرد بڻجي سندس سامهون آيو، سلمان خان کي اهو سڀ پسند نه آيو ۽ هن وويڪ کي موتمار ڌمڪيون به ڏنيون. ان کانپوءِ اڀيشيڪ بچن کي فلم گرو ۾ ڪم ڪرڻ دوران ايشوريا وڻي وئي ۽ ٻنهي 2007 ۾ شادي ڪري ورتي. انهن سڀني ڳالهين کان هٽي اوهان کي اهو به ٻڌايون ته شاهه رخ خان به ايشوريا جي زندگي ۾ انٽري ڏيڻ جي ڪوشش ڪرڻ کان نه مڙيو ۽ اها ڳالهه ايشوريا کي پسند نه هئي جنهن بعد شاهه رخ خان ڪاوڙجي ايشوريا کي پنهنجين فلمن مان بيدخل ڪري ڇڏيو هو. فلم وير زارا جي هيروئن ايشوريا راءِ هئي پر شاهه رخ خان ان وقت ايشوريا تي ڏمريل هو.