My WordPress Blog

بوبي ديول جي انڊسٽري ۾ پاڻ سان ٿيل امتيازي سلوڪ بابت ڳالهه ٻولهه

0

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪار بوبي ديول چيو آهي ته هن کي انڊسٽري ۾ اداڪار طور ڪڏهن به سنجيدهه ناهي ورتو ويو.پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب 54 ورهين جي اداڪار بوبي ديول چيو ته هن بالي ووڊ ۾ پنهنجي 28 ورهين جي ڪيريئر ۾ ڪيتريون ئي ناڪاميون ڏٺيون پر هن همٿ نه هاري.بالي ووڊ ۾ پاڻ سان امتيازي سلوڪ جي حوالي سان ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته هو هڪ اسٽار هوندو هو پر اسٽار ڊم گھڻي دير تائين ناهن هلندا اُهو اداڪار ختم ٿي ويو.اداڪار شڪايت ڪئي ته انڊسٽري ۾ کيس اداڪار طور سنجيدگي سان ڪڏهن به نه ورتو ويو. کيس اها خبر هئي ته هن وٽ صلاحيت آهي پر ڪنهن موقعو نه ڏنو.بوبي ديول چيو ته هن پنهنجي لاءِ جن پراجيڪٽس جي چونڊ ڪئي اُهي هن کي ڪم نه اچي سگھيا جنهن کان پوءِ هن اداڪار طور پاڻي تي وڌيڪ محنت ڪئي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.