My WordPress Blog

ايران پاران به وفد سعودي عرب موڪلڻ جو فيصلو

0

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب ۽ ايران وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي بحالي لاءِ ٻنهي ملڪن طرفان اڳڀرائي جو سلسلو جاري آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب سعودي  عرب طرفان وفد تهران موڪلڻ کان پوءِ ايران به پنهنجو وفد سعودي عرب موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن جو جمعي تائين سعودي عرب وڃڻ جو امڪان آهي.ميڊيا رپورٽن موجب ايران طرفان وفد سعودي عرب موڪلڻ جو مقصد ٻنهي ملڪن وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي بحاليءَ جو رستو اڳتي وڌائڻ آهي.مقامي ميڊيا موجب ايران جي ڊپٽي پرڏيهي وزير سرڪاري ٽي وي تي ڏنل انٽرويو بيان ۾ چيو ته اسان پرڏيهي وزارت جو هڪ وفد جمعي تائين سعودي عرب موڪلڻ تي غور ڪري رهيا آهيون، ان سلسلي ۾ ٻه ڌار ڌار وفد جدي ۽ رياض ويندا.واضح رهي ته سعودي عرب ۽ ايران 2016ع کان پوءِ سفارتي لاڳاپن جي بحالي جو فيصلو ڪيو جنهن کان پوءِ ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي ملاقات به ٿي چڪي آهي جڏهن ته ايراني صدر سعودي فرمان روا شاهه سلمان طرفان سعودي دوري جي دعوت به قبول ڪري ورتي آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.