My WordPress Blog

اسحاق ڊار چونڊ خرچن بابت بل قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ پيش ڪري ڇڏيو

0

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چونڊ خرچن بابت مني بل قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ پيش ڪري ڇڏيو. راجا پرويز اشرف جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي اجلاس ۾ معمول جي ڪارروائي جي ايجنڊا معطل ڪئي وئي. ان موقعي تي نيشنل يونيورسٽي پاڪستان قائم ڪرڻ جو بل قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو، جنهن کي ايوان منظور ڪري ورتو. ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چونڊ خرچن بابت بل پيش ڪيو ۽ خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته چونڊيل جمهوري حڪومت خلاف سازش ڪئي وئي، ڪامياب حڪومت جي معاشي پاليسين کي نقصان پهچايو ويو. هن چيو سليڪٽڊ حڪومت کي ڪڍيو ويو ته اسان کي تباهه ٿيل معيشت ملي، پي ٽي آءِ جي ڀرپور ڪوشش آهي ته ملڪ جو ڏيوالو ٿي وڃي، پنهنجي پرڏيهي دورن تي شڪ شبهن جو اظهار ڪيو ويو، پي ٽي آءِ قيادت ملڪ ۾ ڏڦيڙ چاهي ٿي، اهي ملڪ دشمني تي لهي پيا آهن ۽ ڪو موقعو نٿا وڃائين. سندس موجب معيشت تباهي ڪناري هئي، اسان جو پهريون چئلينج ملڪ کي ڏيوالي کان بچائڻ هو ۽ ايندڙ مرحلو ترقي جو هو، هاڻ اسان معاشي استحڪام سان ترقي جي دڳ تي هلي پيا آهيون، ڪوشش آ ته ملڪ کي ٻيهر ترقي ڏياريون. پوءِ قومي اسيمبلي چونڊ خرچن بابت بل اسٽينڊنگ ڪميٽي کي موڪلي ڇڏيو ۽ اجلاس خميس تائين ملتوي ڪيو ويو. هوڏانهن ناڻي واري وزير سينيٽ ۾ به بل پيش ڪندي پنهنجون تجويزون ڏنيون، ايوان ۾ بل پيش ڪرڻ جي موقعي تي پي ٽي آءِ ڪارڪنن نعريبازي ڪئي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.