ناڻي واري وزير اسحاق ڊار آمريڪي دورو معطل ڪري ڇڏيو
اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار آمريڪا جو دورو معطل ڪري ڇڏيو آهي.ناڻي واري وزير کي ڏهه اپريل تي عالمي بينڪ ۽ آءِ ايم ايف جي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻي هئي. حڪومتي ذريعن ٻڌايو آهي ته ناڻي واري وزير ملڪي سياسي صورتحال جي ڪري آمريڪي دورو معطل ڪري ڇڏيو آهي. ناڻي واري وزير کي پنهنجي دوري دوران يو اي اِي جي اختيارين سان به ملاقاتون ڪرڻيون هيون. هاڻي عالمي بينڪ ۽ آءِ ايم ايف جي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد شرڪت ڪندو، پاڪستاني وفد ۾ ناڻي واري سيڪريٽري ۽ اقتصادي معاملن وارو سيڪريٽري شامل هوندا. اسٽيٽ بينڪ جو گورنر به آمريڪا ويندو. پاڪستاني وفد آءِ ايم ايف اختيارين سان قرض پروگرام جي بحالي تي ڳالهه ٻولهه ڪندو.