مهمند ڊيم پراجيڪٽ لاءِ سعودي 240 ملين ڊالر قرض ڏئي ڇڏيو
اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) سعودي فنڊ فار ڊويلپمينٽ مهمند ڊيم پراجيڪٽ لاءِ پاڪستان کي 240 ملين ڊالر قرض ڏئي ڇڏيو. اقتصادي معاملن جي ڊويزن موجب مهمند منصوبو خوراڪ، پاڻي جي حفاظت کي بهتر بڻائڻ ۽ خيبر پختونخواهه ۾ سماجي ۽ اقتصادي ترقي کي هٿي لاءِ آهي، اهو منصوبو صاف توانائي ۽ پاڻي جي پهچ وڌائڻ ۾ ايس ڊي جيز جي حمايت ڪري ٿو. اقتصادي معاملن جي ڊويزن چيو آهي ته جديد توانائي سان هلندڙ مهمند ڊيم منصوبو 800 ميگا واٽ بجلي پيدا ڪندو. اقتصادي معاملن جي سيڪريٽري مسلسل ترقياتي سهڪار تي سعودي عرب جا ٿورا مڃيندي چيو آهي ته مهمند ڊيم پراجيڪٽ ۾ سعودي عرب جي ڀائيواري اهم آهي.