مريم نواز ، چيف جسٽس کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو
لاهور: (ويب ڊيسڪ) ن ليگ جي چيف آرگنائيزر مريم نواز چيف جسٽس آف پاڪستان کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته اختيارن جي غلط استعمال سپريم ڪورٽ ۾ بغاوت جهڙي صورتحال کي جنم ڏنو آهي. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ مريم نواز چيو ته عمران خان جي حمايت ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال قانون ۽ آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي، اختيارن جي غلط استعمال سپريم ڪورٽ ۾ بغاوت جهڙي صورتحال کي جنم ڏنو، ناليوارا جج چيف جسٽس جي طريقي ڪار ۽ تعصب تي سنگين سوال اٿاري رهيا آهن. سندس موجب اڄ تائين ڪنهن چيف جسٽس تي اهڙي قسم جي مس ڪنڊڪٽ جا الزام نه لڳا، تحريڪ انصاف ڏانهن چيف جسٽس جي نِوڙت واضح آهي، چيف جسٽس کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي.