قومي سلامتي ڪميٽي جو دهشتگردي خلاف آپريشن وڌيڪ تيز ڪرڻ تي اتفاق
اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) قومي سلامتي ڪميٽي ملڪ ۾ دهشتگردي خلاف آپريشن جاري رکڻ ۽ ان کي وڌيڪ تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو. وزيراعظم شهباز شريف جي سربراهي ۾ وزيراعظم هائوس ۾ قومي سلامتي ڪميٽي جو 41هون اجلاس ٻن ڪلاڪن تائين جاري رهيو، جنهن ۾ جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي چيئرمين سميت ٽنهي هٿياربند فوجن جي سربراهن ۽ وفاقي وزيرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڊي جي آءِ ايس آءِ، ڊي جي آءِ بي، ڊي جي ايم آءِ ۽ ڊي جي ايم او سميت ٻيون عسڪري ۽ سويلين اختياريون به شريڪ ٿيون، جڏهن ته ڪميٽي ميمبر ۽ چارئي وڏا وزير خاص طور شريڪ ٿيا. قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ ملڪي سيڪيورٽي ۽ معاشي صورتحال تي غور ڪيو ويو، جڏهن ته ناڻي واري وزير اسحاق ڊار شرڪت ڪندڙن کي بريفنگ ڏني. اجلاس دوران ملڪي موجوده سيڪيورٽي صورتحال ۽ دهشتگردن خلاف ڊي جي آءِ ايس آءِ به تفصيلي بريفنگ ڏني. ذريعن موجب اجلاس ۾ دهشتگردي خلاف آپريشن جاري رکڻ ۽ ان کي وڌيڪ تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته دهشتگردن خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي جاري رهندي.