My WordPress Blog

قادر مگسي طرفان ڊاڪٽر اجمل جي قتل تي سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرن جو اعلان

0

حيدرآباد: (ويب ڊيسڪ) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي پاران پروفيسر اجمل ساوند جي قتل جي مذمت ۽ آچر تي سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران احتجاجي مظاهرن جو اعلان ڪيو آهي. ڊاڪٽر قادر مگسي جو چوڻ آهي ته پروفيسر اجمل ساوند جو قتل سنڌ جي شعور جو قتل آهي، جنهن سبب سڄي سنڌ سوڳ ۾ ورتل آهي. قبيلائي تڪرار سنڌ جي لاءِ  ناسور بڻجي چڪا آهن، انهن کي روڪڻ جي سخت ضرورت آهي. قبيلائي تڪرارن کي سنڌ حڪومت ۽ انتظاميا روڪڻ لاءِ  سنجيده ناهي. ڊاڪٽر قادر مگسي جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ڪنڌڪوٽ، ڪشمور، گهوٽڪي ۽ جيڪب آباد ضلعا نوگو ايريا بڻيل آهن، جتي پوليس به نٿي وڃي سگهي. هنن تڪرارن جي پويان ڀوتارن، سردارن ۽ جاگيردارن جو هٿ آهي، جيڪي اقتدار ۾ ويٺل آهن يا کين حڪومت جي سرپرستي حاصل آهي. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ حڪومت ٽاسڪ فورس جوڙي جنهن ۾ انهن سردارن کي به شامل ڪري، کين قبيلائي تڪرار روڪڻ جو ٽاسڪ ڏنو وڃي، جيڪي سردار ۽ ڀوتار انهن تڪرارن جي پويان آهن، انهن کي گرفتار ڪيو وڃي، ته ٻن هفتن ۾ سمورا تڪرار ختم ٿي ويندا. سنڌ ترقي پسند پارٽي چيئرمين پروفيسر اجمل ساوند جي قتل خلاف آچر جي ڏينهن سمورن ضلعن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ چيو ته پروفيسر اجمل ساوند جا قاتل فوري طور گرفتار ڪري کين قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.