My WordPress Blog

سپريم ڪورٽ پنهنجي ماضيءَ مان سبق نه سکيو آهي: جسٽس اطهر من الله جو تفصيلي نوٽ

0

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) جسٽس اطهر من الله پنجاب ۽ ڪي پي ۾ چونڊن بابت پاڻمرادي نوٽيس تي پنهنجو تفصيلي نوٽ جاري ڪري ڇڏيو. جنهن ۾ هُن لکيو آهي ته سپريم ڪورٽ پنهنجي ماضيءَ مان سبق نه سکيو آهي، عدالت سياسي تڪرارن جي حل جو لاڳيتو مرڪز بڻيل آهي، پي ٽي آءِ جي درخواست تي ڪارروائي وقت کان اڳ هئي25 صفحن تي ٻڌل نوٽ ۾ جسٽس اطهر من الله چيو ته اهڙا تڪرار عدليه ۾ آڻڻ کان پاسو ڪيو وڃي،  اهڙا تڪرار عدالت ۾ آڻڻ سان عدالت هارائي وڃي ٿي، عدليه سميت سمورا ادارا پنهنجي انا هڪ پاسي رکي آئيني ذميواريون پوريون ڪن چيف جسٽس لکيو آهي ته  پي ٽي آءِ جي درخواست تي ڪارروائي شروع ڪري سياسي ڌرين کي عدالت تي اعتراض ڪرڻ جي دعوت ڏني وئي چيف جسٽس موجب پاڻمرادي نوٽيس جي ڪارروائي شروع ڪرڻ سان سائلن جا حق متاثر ٿيا، فل ڪورٽ جوڙڻ سان اهڙي صورتحال پيدا نه ٿئي ها، عوام جي اعتماد کي قائم رکڻ لاءِ فل ڪورٽ جوڙي وڃي ها جسٽس منصور شاهه ۽ جسٽس جمال مندوخيل جي راءِ سان اتفاق ڪيان ٿو، پاڻمرادي نوٽيس وارو فيصلو 4 ججز جو هو، مون پاڻ کي بينچ کان الڳ نه ڪيو هو، 27 فيبروري تي اتفاق ٿيو هو ته مان بينچ ۾ ويهندس جسٽس اطهر من الله سوال اٿاريو آهي ته تحريڪ انصاف سياسي حڪمت عملي تحت استعيفائون ڏنيون، سياسي حڪمت عملي تحت صوبائي اسيمبليون ٽوڙڻ تي به سوال اٿن ٿا، ڇا اهڙي حڪمت عملي آئين ۽ جمهوريت سان مطابقت رکي ٿي؟ ڇا اها آئين جي ڀڃڪڙي نه آهي؟جاري ڪيل تفصيلي نوٽ ۾ جسٽس اطهر من الله چيو ته ڇا عدالت کي اهڙي سياسي حڪمت عملي کي سگهارو ڪرڻ لاءِ پنهنجو فورم استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ گهرجي؟ ڇا عدالت کي غير جمهوري روايتن جي حوصلا افزائي ڪرڻ گهرجي؟ ائين ڪري عدليه غير ارادي طور پارليامينٽ کي ڪمزور ڪندي

Leave A Reply

Your email address will not be published.