زنيرا انعام پاران ڀارتي نصاب مان مغل بادشاهن جو ذڪر ختم ڪرڻ تي تنقيد
ڪراچي (ويب ڊيسڪ)پاڪستاني اداڪار عثمان مختار جي زال محقق زنيرا انعام ڀارت حڪومت پاران 12 جماعت جي نصاب مان مغل بادشاهن جو ذڪر ختم ڪرڻ واري فيصلي تي تنقيد ڪندي چيو آهي تھ ڇا هاڻ ڀارت جي ايندڙ نسل کي اهو پڙهايو ويندو تھ لال قلعو، قطب مينار ۽ تاج محل ايلينز اچي تعمير ڪيا هئا، هي فيصلو تاريخ کي چٿڻ برابر آهي.