My WordPress Blog

نگران حڪومت جي وڃڻ جو ڪو ارادو نه پيو لڳي: لاهور هاءِ ڪورٽ

0

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ ريمارڪس ڏنا آهن ته نگران حڪومت جي وڃڻ جو ڪو ارادو نه پيو لڳي. جسٽس شاهد ڪريم لاهور جي ماسٽر پلان 2050 جي منظوري خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. عدالت ايل ڊي اي جي وڪيل جي اپيل منظور ڪندي ايل ڊي اي کي ماسٽر پلان 2016 تحت ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي ۽ هاءِ ڪورٽ لاهور جي ماسٽر پلان 2025 تي عملدرآمد روڪڻ جي حڪم ۾ منع نامي ۾ واڌ ڪري ڇڏي. ايل ڊي اي جي وڪيل دليلن ۾ چيو ته ايل ڊي اي کي ماسٽر پلان ۾ عالمي ماهرن جي نظرثاني تي ڪو اعتراض ناهي، رولز موجب عالمي ماهرن جي منظوري ايل ڊي اي جي گورننگ باڊي ڏيڻ جي پابند آهي، گورننگ باڊي ۾ پنجاب اسيمبلي ميمبر شامل هوندا آهن. جسٽس شاهد ڪريم سرڪاري وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته ظاهري طور لڳي رهيو آهي نگران حڪومت جي وڃڻ جو ڪو ارادو ناهي، نگران حڪومت ڪڏهن پئي وڃي؟وڪيل جواب ڏنو اهو علم ناهي، جڏهن ته عدالت عالمي ماهرن جون خدمتون وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.