My WordPress Blog

مسجد اقصيٰ ۾ 40 ورهين کان گھٽ عمر نمازين جي داخلا تي پابندي

0

يروشلم (ويب ڊيسڪ) مسجد اقصيٰ ۾ نمازين تي حملن ۽ گرفتارين کان پوءِ اسرائيلي پوليس 40 ورهين جي عمر کان گھٽ جي ماڻهن کي مسجد ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري موجب اسرائيلي پوليس لاڳيتو ٽين رات مسجد اقصيٰ ۾ داخل ٿي نمازين کي تشدد جو نشانو بڻايو ۽ فجر جي نماز پڙهڻ لاءِ ايندڙ 40 ورهين کان گھٽ عمر جي ماڻهن کي مسجد ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو. هن وقت سڄي بيت المقدس ۾ وڏي نفري مقرر آهي جيڪا نمازين کي مسجد ويندي وقت سڃاڻپ جي بهاني هراسان ڪري رهي آهي. ٻه ڏينهن اڳ مسجد اقصيٰ مان گرفتار ڪيل 300 کان وڌيڪ نمازين کي به  آزاد ناهي ڪيو ويو. ٽن ڏينهن کان جاري اسرائيلي پوليس جي ان جارحيت ۽ بربريت تي آمريڪا سوڌو عالمي اڳواڻن ۽ ادارن ڇتي تنقيد ڪندي اسرائيلي حڪومت کان مذهبي آزادي کي يقيني بڻائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. سعودي عرب سوڌو اسلامي ملڪن به اسرائيلي پوليس جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.