My WordPress Blog

سُپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بئنچ جي فيصلي خلاف ٺهراءُ منظور

0

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) قومي اسيمبليءَ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بئنچ خلاف ٺهراءُ منظور ڪري ورتو قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران ايم اين اي خالد مگسيءَ پنجاب ۾ چونڊون ڪرائڻ بابت سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بئنچ جو فيصلو رد ڪرڻ وارو ٺهراءُ پيش ڪيو، جيڪو ايوان اڪثريتي راءِ سان منظور ڪري  ورتو. ٺهرا ۾ ٽي رڪني بئنچ بدران فل ڪورٽ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي جو مطالبو ڪيو ويو آهي. ٺهراءُ ۾ چيو ويو ته ايوان سياسي معاملن ۾ عدالتي مداخلت تي ڳڻتي جو اظهار ڪري ٿو،  ايوان سپريم ڪورٽ جي چئن ججن جي اڪثريتي فيصلي کي تسليم ڪندي ان تي عمل ۽ عدليا کان سياسي معاملن ۾ مداخلت کان پاسو ڪرڻ جو مطالبو ڪري ٿو. ٺهراءَ ۾ چيو ويو ته چئن ججن جو اڪثريتي فيصلو نظرانداز ڪندي ٽي رڪني مخصوص بئنچ جي اقليتي راءِ مڙهي وئي، اها سپريم ڪورٽ جي پنهنجي روايتن، نظرين ۽ طريقيڪار خلاف آهي. ٺهراءِ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ايوان سايسي ۽ معاشي استحڪام لاءِ هڪ ئي وقت عام چونڊن کي مسئلن جو حل سمجهي ٿو، ايوان ٽي رڪني بئنچ جي فيصلي کي هڪ ايگزيڪيٽو سرڪلر ذريعي روڪڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪري ٿو، ايوان جي آرٽيڪل 63 اي جي غلط تشريح ۽ ان کي اعليٰ عدالت جي فيصلي ذريعي نئين سر لکڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪري ٿو. پاس ڪيل ٺهراءَ ۾ چيو ويو ته ٽي رڪني اقليتي بئنچ جي فيصلي کي پارليامينٽ رد ڪري ٿي ۽ اڪثريتي بئنچ جي فيصلي کي لاڳو سمجهي ٿي. ٺهراءَ ۾ چيو ويو ته ايوان آرٽيڪل 184 ٽي تحت داخل ڪيس کي فل ڪورٽ ميٽينگ جي فيصلن تائين ٻڌڻي لاءِ مقرر نه ڪرڻ واري فيصلي کي تسليم ڪري ٿو. ياد رهي ته ان کان اڳ وفاقي ڪابينا به سُپريم ڪورٽ جي چونڊن بابت فيصلو پارليامنٽ جي ٺهراءُ سان ٽڪراءُ قرار ڏيندي رد ڪيو هو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.