My WordPress Blog

سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن مٿان ڪيس داخل ٿيڻ خلاف شاهپورچاڪر ۾ مظاهرو

0

شاهپورچاڪر(ويب ديسڪ)شاهپورچاڪر سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن مٿان ڪيس داخل ٿيڻ خلاف سنڌ شاگرد سڀا جي مرڪزي اڳواڻ امير وساڻ جي اڳواڻي ۾  ڪيترن ئي شاگردن هٿن ۾ شيٽون کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي، مظاهري کي خطاب ڪندي امير وساڻ ،بابر ڏاهري،عرفان ڏاهري ۽ ٻين چيو تہ يونيورسٽي ۾ سياسي پروگرام ڪرڻ تي 26 شاگردن مٿان ڪيس داخل ڪيا ويا جن مان 6 شاگردن کي گم ڪيو ويو ۽ ٻين  شاگردن کي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو جن کي ڪورٽ سڳوري ڪيس سي ڪلاس ڪري کين آزاد ڪري ڇڏيو گم ڪيل 6 شاگردن سنڌ شاگرد سڀا سنڌ يونيورسٽي جي جنرل سيڪريٽري اسلم سنڌي،عديل لغاري ، نادر ڀنگوار ۽ ٻين کنڀي گم ڪيل شاگردن جي بازيابي جڏھن شاگردن انڊس هاءِ وي تي احتجاج ڪيو تہ انتظاميہ احتجاج ڪندڙ شاگردن مٿان دهشت گردي جا ڪيس داخل ڪيا اهيو سڀ ڪجھ شاگردن کي سياست کان پري رکڻ لا ڪيو پيو وڃي جيڪڏھن شاگرد سياست کي روڪيو ويندو تہ سياستدان ڪٿان پيدا ٿيندا،هنن چيو تہ هن ملڪ ۾ شاگردن مٿان دهشت گردي جون ايف آئي آر داخل ٿي رهيون آھن ڇا ڪتاب،هاسٽل جا ڪمرا جتي شاگرد پڙھن ۽  پنهنجا سياسي فيصلا ڪن ٿا اهي دهشت گرد آھن ؟  سنڌ جي سڀني يونيورسٽي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي مداخلت تمام گهڻي وڌي وئي آھي جنهن کي ختم ڪيو وڃي ۽ شاگردن سان ٿيندڙ ڏاڍايون،جبر ڪيون ويون آھن انهن کي بند ڪيو وڃي حڪومت پنهنجي پاليسي مٽائي سنڌ جي مڙني يونيورسٽين مان سيڪيورٽي فورسز جي مداخلت ختم ڪئي وڃي ۽ بي گناه گرفتار ۽ کنڀي گم ڪيل شاگردن مٿان ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن

Leave A Reply

Your email address will not be published.