چونڊن جي فيصلي تي جج ئي متفق ناهن ته عوام ڪيئن ٿيندو؟ مراد علي شاهه
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چونڊن بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي تڙ تڪڙ وارو فيصلو قرار ڏئي ڇڏيو. ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته چونڊن بابت فيصلي ۾ سپريم ڪورٽ تڪڙ ڪئي، جڏهن جج ان فيصلي سان متفق ناهن ته عوام ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ جن ججن انڪار ڪيو، انهن کانسواءِ فل ڪورٽ ٺاهيو. هن چيو ته چونڊن جو فيصلو اليڪشن ڪميشن تي ڇڏڻ گهرجي، ادارا پنهنجي حدن ۾ رهي ڪم ڪندا ته حالتن ۾ بهتري ايندي، آئين ۾ هر اداري جي طاقت ۽ حدون مقرر ڪيون ويون آهن، چونڊون تڏهن ٿينديون جڏهن اليڪشن ڪميشن چاهيندي، چونڊون ضرور ٿين پر ليول پليئنگ فيلڊ هجڻ گهرجي ۽ چونڊون ائين نه ٿين جو 2018 واري صورتحال هجي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ حڪومت بي آءِ ايس پي تحت ماڻهن کي گهٽ اگهه تي اٽو ڏئي رهي آهي، سنڌ حڪومت بحران باوجود 65 رپيا ڪلو اٽو ڏئي رهي آهي.