My WordPress Blog

نٿا مڃون ته مُلڪ ۾ ڪو انصاف جو ادارو آهي: بلاول

0

خيرپور (ويب ڊيسڪ ) پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان نٿا مڃون ته مُلڪ ۾ ڪو انصاف جو ادارو آهي. خيرپور ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي بلاول چيو ته اداري ۾ ڪجهه ماڻهو ضد تي لهي آيا آهن، سياست ڪري رهيا آهن، جيڪڏهن سياست ڪرڻي آهي تياري ڪن، اسان اوهان جو سياسي ميدان ۾ مقابلو ڪنداسين. پ پ چيئرمين چيو ته اسان انهن ڪٺ پتلين کي جواب ڏينداسين، تخت لاهور ۾ ويهي انهن غيرجهموري قوتن کي جواب ڏينداسين. هن چيو ته انهن ئي عدالتن سبب قائد عوام ڦاهي تي چڙهي ويو، کين ڪو شرم نه آيو، اسان نٿا مڃون ته هن مُلڪ ۾ انصاف جو ڪو ادارو آهي، اڄ تائين ڪنهن جج شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو ڪيس ناهي ٻڌو، جَجَن مشرف سان ڳٺ جوڙ ڪري يارنهن سال آمريت جي اجازت ڏني، جڏهن بينظير شهيد ٿي ته ججن کي غيرت نه آئي ته ساڻس انصاف ڪيو وڃي. پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته هو عوام جي حقن جي تحفظ لاءِ تيار آهي، مان نه پنهنجي ناني ۽ نه ئي شهيد امڙ کي انصاف ڏياري سگهيس، عمران خان ۽ اڳوڻي اسٽيبلشمينٽ مڃي ٿي ته هنن آئين تي ڌاڙو هنيو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.