My WordPress Blog

نصيرآباد ويجهو روڊ حادثو: هڪ ڄڻو فوت، ٻيو مرڻينگ

0

نصيرآباد(ويب ڊيسڪ)وارھ روڊ پنهور لاڙي وٽ تيز رفتار ٽريڪٽر جو  موٽرسائيڪل کي ٽڪر، ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت هڪ زخمي. تفصيل موجب؛ وارھ روڊ پنهور لاڙي وٽ تيز رفتار ٽريڪٽر جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر،ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو لوڌي مسڻ جو رهواسي 17 سالا نوجوان عرفان پٽ قربان مسڻ ٿڏي تي فوت ۽ موندر لاکا واسي 10 سالا فراز پٽ غلام علي کوکر سخت زخمي، فوتي ۽ زخمي کي رورل هيلٿ سينٽر نصيرآباد منتقل ڪيو ويو، جتي زخمن نوجوان جي سيريس حالت هئڻ ڪري ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو، هوڏانهن ٽريڪٽر ڊرائيور کي موقعي ته گرفتار ڪري ورتو، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.