ملير ۾ پوليس اهلڪار خودڪشي ڪري ڇڏي
ملير(ويب ڊيسڪ) ملير جي علائقي غازي ڳوٺ ۾ ملير پوليس جي اهلڪار نعمت الله شيخ پاران مبينا طور پاڻ مٿان پستول جو فائر ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي، خودڪشي ڪندڙ اهلڪار جي وارثن جو چوڻ آهي ته نعمت الله کي ايس ايس پي ملير جي آفيس ۾ ويٺل ڪلارڪن رشوت نه ڏيڻ تان تنگ ڪيو، بار بار بدلي ٿيڻ سبب هن آپگهات ڪيو آهي، وارث خبر موجب ملير جي علائقي غازي ڳوٺ جي رهواسي ملير پوليس اهلڪار نعمت الله شيخ پاڻ مٿان مبينا طور تي پستول جو فائر ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي، خودڪشي ڪندڙ مقتول اهلڪار جي وارثن صحافين کي ٻڌايو ته نعمت الله کي ايس ايس پي ملير جي آفيس ۾ ويٺل ڪلارڪ رشوت نه ڏيڻ عيوض بار بار بدلي ڪندا هئا جنهن ڪري هن تنگ اچي پريشاني سبب پاڻ مٿان فائر ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي، مقتول جي ڀاءَ سيف الله شيخ جو وڌيڪ چوڻ هو ته ايس ايس پي ملير، ڊي آءِ جي سميت سمورن آفيسن ۾ رشوت ڏيڻ بنا ڪوبه ڪم ناهي ٿيندو ڇوته سمورن آفيسن کي مٿين آفيسرن جي سرپرستي حاصل هوندي آهي هي ڪو خودڪشي جو پهريون واقعو نه آهي پهريان به سنڌ پوليس جا ڪيترائي آفيسر پنهنجي حق لاءِ ڪراچي پوليس چيف جي آفيس آڏو پاڻ مٿان پيٽرول هاري خودڪشي ڪئي آهي ۽ ڪيترائي اهلڪار آفيسرن جي ظلم ۽ زيادتين کان تنگ اچي پريس ڪلبن آڏو احتجاج ڪندا رهن ٿا ڇو ته اسان جي ادارن ۾ سواءِ رشوت ڏيڻ جي ڪوبه ڪم ممڪن نه آهي، هن چيو ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي ۽ نعمت الله شيخ جي خودڪشي جو سبب بڻجندڙ آفيسرن ۽ اهلڪارن مٿان ڪيس داخل ڪري ڪيفر ڪردار تائين پڄائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي