جيڪب آباد ۾ جرڳي دوران پوليس اهلڪارن تي ڏنڊ وجهندڙ سرپينچن سميت 18 ڄڻن خلاف ڪيس داخل
جيڪب آباد (ويب ڊيسڪ)جيڪب آباد ۾ پوليس اهلڪارن تي ڏنڊ وجهڻ وارو جرڳو ڪرڻ تي سرپينچن سميت 18 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جيڪب آباد جي عدالت جرڳي جو نوٽيس وٺندي ڪارروائي جو حڪم ڏنو هو چنگيز خان پنهور جي سرپينچي هيٺ ٻن جوابدارن جي مارجي وڃڻ جو پوليس اهلڪارن محمد علي بروهي ۽ دلاور سڀايو تي 50 لک ڏنڊ وڌو ويو هو جوابدار محمد شير ۽ بختيار جکراڻي 2 سال اڳ پوليس سان مبينا مقابلي دوران مارجي ويا هئاسرڪار جي مدعيت ۾ جرڳو ڪندڙن خلاف سٽي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو