My WordPress Blog

ڪراچي واسين کي بجلي جو جهٽڪو: في يونٽ 6 رپين تائين واڌ جي منظوري

0

ڪراچي  ( ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي شهرين کي ٽن مهينن لاءِ  6 رپيا في يونٽ بجلي مهانگي ملندي جڏهن ته نيپرا وفاقي سرڪار جي درخواست جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڪراچي جي شهرين لاءِ  بري خبر ٽن مهينن لاءِ  بجلي 6  رپيا في يونٽ مهانگي ملندي. نيپرا وفاقي حڪومت جي درخواست جي منظوري ڏئي ڇڏي، بجلي جي واهپيدارن کان اپريل، مئي ۽ جون جي بلن ۾ اوڳاڙي ڪئي ويندي. گذريل سال جي پهرين ٽن مهينن جي مد ۾ هڪ رپيو 55 پيسا في يونٽ اضافو ڪيو ويو، هلندڙ سال جي پهرين ٽن مهينن جي مد ۾ بجلي جو في يونٽ 4 رپيا 45 پيسا مهانگو ڪيو ويو آهي. بجلي جي واهپيدارن کان اپريل، مئي ۽ جون جي بلن ۾ اوڳاڙي سان 20 ارب رپين جو اضافي ٻوجهه پوندو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.