ن ليگ رياست بچائڻ لاءِ سياست قربان ڪري ڇڏي، پاڪستان بچي ويو ته سڀ خير آهي: شهباز شريف
اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آءِ ايم ايف جا سمورا شرط قبول ڪري ورتا آهن. مسلم ليگ نون جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته عمران خان مُلڪي ساک داءُ تي لڳائي، مُلڪ کي ڏکيائين جي ور چاڙهي ڇڏيو، هن مُلڪ کي معاشي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي ڇڏيو ۽ چين جي منصوبن تي سنگين الزام لڳايا. هن چيو ته عمران خان ۽ سندس ساٿارين چيو ته چين جي منصوبي ۾ 45 سيڪڙو ڪرپشن ٿي، چين ٽيهه ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪئي ۽ ان تي ئي سنگين الزام مڙهيا ويا. سندس چوڻ هو ته عمران خان سخت ترين شرطن تي آءِ ايم ايف پروگرام تي صحيحيون ڪيون، هن پاڻ ڀڃڪڙي ڪري آءِ ايم ايف پروگرام معطل ڪيو، مالياتي اداري جي پروگرام خلاف سازش ڪندڙ عمران خان جا وزير سڳ سوڌو پڪڙيا ويا. هن چيو ته ن ليگ رياست بچائڻ لاءِ سياست قربان ڪري ڇڏي، پاڪستان بچي ويو ته سڀ خير آهي، آءِ ايم ايف جا سمورا شرط قبول ڪري ورتا آهن، آءِ ايم ايف حڪومت جا هٿ پير ٻڌي ڇڏيا آهن پر منهنجو ايمان آهي وقت ايندو ۽ حالتون بدلجي وينديون.