My WordPress Blog

سيٺارجا ڀرسان گم ڄاڻايل نينگر جي اغوا جي تصديق، وارثن کان خط ذريعي 50 لک ڀنگ جي گهر

0

سيٺارجا(ويب ڊيسڪ) سيٺارجا شهر کان هڪ ڪلو ميٽر مفاصلي تي قائم تعلقا صوڀوديرو جي شهر ھنڱورجا ٿاڻي جي حد ڳوٺ موريل ڀٽو مان 14 ڏينهن اڳ گم ڄاڻايل 04 ورهين جي نينگر جعفر علي ولد محمد صادق ڀٽو جي اغوا جي تصديق ٿي وئي ڌاڙيلن پاران سندس وارثن کان پرچي ذريعي 50 لک جي گھر ڪري ڇڏي پئسا نه ڏيڻ جي صورت ۾ سکر واري پل وٽان نينگر جو لاش کڻي وڃڻ جي ڌمڪي ڏني وئي آهي ان حوالي سان نينگر جي والد محمد صادق ڀٽو نمائيندن سان ڳالهائيندي چيو آهي ته مان ڏهاڙيدار مزدور آهيان منهنجي نينگر کي ڏينهن ڏٺي جو ڳوٺ مان اغوا ڪيو ويو آهي ڌاڙيلن مون کان ڳرو ڀنگ گهريو آهي جڏهن ته مان ٻن ويلن جي ماني کائڻ لاءِ پريشان آهيان ته مان 50 لک ڪٿان ڏيان ٻئي پاسي نينگر جي امڙ ۽ ڀينرن پاڪ ڪتاب لوڏيندي ڌاڙيلن کي هٿ ٻڌي اپيل ڪئي آهي ته اسان غريب بي پهچ مسڪين آهيون اسان جي حال تي رحم کائي نينگر کي آزاد ڪيو وڃي هوڏانهن ايس ايس پي خيرپور مير روحل خان کوسو ڳوٺ موريل ڀٽو پهچي اغوا ٿيل نينگر جي وارثن کان معلومات ورتي ۽ پنهنجي نگراني ۾ جي آئي ٽي پڻ جوڙي آهي جنهن ۾ اي ايس پي گمبٽ محمد نعمان ايس ايڇ او ھنڱورجا مشتاق جتوئي سميت ايس ايڇ او راڻيپور امير علي چانگ شامل آهن.

Leave A Reply

Your email address will not be published.