My WordPress Blog

توشا خانا ڪيس: عمران ۽ بشريٰ بي بي جي نيب نوٽيسن خلاف درخواستن تي فيصلو محفوظ

0

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشا خانا ڪيس ۾ طلبي جي نيب نوٽيسن خلاف عمران خان ۽ سندس گهرواري جي درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق جي سربراهي ۾ ٻه رڪني ڊويزن بئنچ توشا خان ڪيس ۾ طلبي جي نيب نوٽيسن خلاف عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن سلسلي ۾ سندن وڪيل خواجا حارث پيش ٿيو. خواجا حارث پنهنجي دليلن ۾ چيو ته نيب نوٽيسن ۾ نه ٻڌايو ويو ته ڪهڙي حيثيت ۾ انفارميشن گهري پئي وڃي، عدالتي فيصلي اچي چڪا آهن، تنهن ڪري نوٽيس جي مڪمل ڄاڻ ڏيڻ ضروري آهي، نيب تي لازمي آهي ته مڪمل ڄاڻ فراهم ڪري. عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا عمران خان کي طلبي نوٽيس اچي ويا آهن؟ خواجا حارث ٻڌايو ته ڪال اپ نوٽيس اچي ويا آهن. ان دوران خواجا حارث نيب نوٽيس عدالت ۾ پيش ڪيا ۽ چيو ته انهن نوٽيسن ۾ نيب ڄاڻ فراهم ناهي ڪئي، رڳو لکيو ويو آهي ته پبلڪ آفيس هولڊرز خلاف انڪوائري آهي. عدالت نيب پراسيڪيوٽر کي روسٽرم تي گهرائي ورتو، جنهن ٻڌايو ته عمران خان کي ڌيان ڇڪايو نوٽيس موڪليو ويو هو. چيف جسٽس چيو توهان جي نوٽيسن ۾ عدالتي فيصلن تي عملدرآمد نظر ناهي ايندو، اسان نيب کي ڪنهن شئي کان نٿا روڪيون، نيب جيڪو پڇڻ چاهي پڇي سگهي ٿو، اسان انهن درخواستن تي آرڊر جاري ڪنداسين. پوءِ عدالت نيب نوٽيسن خلاف عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.