ڪراچي ۾ راشن جي ورڇ دوران ڀاڄ سبب ٻن عورتن سميت 11 ڄڻا فوت ٿي ويا، ڪيترائي زخمي
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي سائيٽ ايريا نورس چورنگي وٽ نجي ڪمپني ۾ راشن جي ورڇ دوران ڀاڄ پئجي وئي، عورت سميت 10 شهري نالي ۾ ڪري پيا آهن ايڌي ذريعن موجب نالي ۾ ڪري پيل شهرين مان ٻن عورتن سميت 10 ڄڻن جا لاش ڪڍيا ويا آهن، جڏهن ته 6 کان وڌيڪ بيهوش ٿي ويا آهن ريسڪيو ٽيمن فوتين جا لاش ۽ بيهوش ٿيلن کي عباسي شهيد، سول ۽ ٻين اسپتال ڏانهن منتقل ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي ٻڌايو پيو وڃي ته نالي ۾ ڪري پيل شهري راشن وٺڻ پهتا هئا، فوتين جي سڃاڻپ جو عمل جاري آهي