ڪاري آهين: شهدادپور ۾ جوابدار نوجوان ڌيءَ کي قتل ڪري ڇڏيو، گرفتار
شھدادپور (ويب ڊيسڪ) شھدادپور لڳ ڪارو ڪاري جي الزام مڙھي پيء رائيفل جو سڌو فائر ڪري پنھنجي نوجوان ڪنواري ڌي کي قتل ڪري ڇڏيو پيء کي پوليس گرفتار ڪري ورتو خبر موجب شھدادپور لڳ تعلقہ ٿاڻي ٽنڊوآدم جي حد ڳوٺ حامد ڏچر ۾ سحري وقت ڪارو ڪاري جو الزام مڙھي پيء حاجي خان ڏچر گھر ۾ پنھنجي نوان ڪنواري ڌي گل بانو ڏچر کي رائيفل جو سڌو فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو اطلاع تي تعلقہ ٿاڻي جي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش تحويل ۾ وٺي تعلقہ اسپتال ٽنڊوآدم مان پوسٽ مارٽم ڪرائي وارثن حوالي ڪري ڇڏيو پوليس جوابدار پيء کي رائيفل سميت گرفتار ڪري ورتو اڃان تائين اھڙي قتل جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو ھو.